ٻال ساهتيه جو وڪاس

ٻال ساهتيه جو وڪاس (ڪتاب ):ٻارن جي ليکڪ مشهور اديب ڊاڪٽر هوندراج بلواڻي جو ٻاراڻي ادب جي اوسر بابت لکيل ڪرائون سائيز جو، 78 صفحن تي مشتمل هيءُ ڪتاب، 14 نومبر 1986ع تي گجرات ساهتيه اڪيڊمي گانڌيڌام (ڀارت) جي مالي مدد سان، هوندراج ٻلواڻيءَ، احمد آباد مان ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ ٻارن جي ادب جي اهميت، ٻاراڻي نفسيات ۽ ٻاراڻي ادب، ڪشنچند بيوس جي ٻاراڻي ادب، هري دلگير جي ٻاراڻن گيتن، ٻاراڻن ناٽڪن، ٻاراڻي ادب ۽ ٻاراڻي ادب جي واڌاري لاءِ اپاءَ، عنوانن تي مشتمل ست باب شامل آهن. ڪتاب جي قيمت پنج رپيا 40 پئسا ڄاڻايل آهي. ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي سنڌي ٻوليءَ جي برک ليکڪا ۽ ڪهاڻيڪار خيرالنساءِ جعفريءَ جا هوندراج بلواڻيءَ بابت تاثراتي ٻه اکر شامل آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو